اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽر??ٽ موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراني چيو ته پاڪستان متحده عرب امارات سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائرا??ي لاڳاپن ۽ تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا اڌ صدي تي ٻڌل آهن جيڪي قابل فخر آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته متحده عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي، سماجي، ثقافتي ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان موجوده ڀائرا??ي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.