اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 67 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 482 ماڻهن جا ڪورو??ا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي ل??اظ کان ملتان ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 39 سيڪڙو، پشاور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 28 سيڪڙو مريض آه??. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي ل??اظ کان پشاور ۾ 37 سيڪڙو، صوابي ۾ 37 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 40 سيڪڙو، ملتان ۾ 53 سيڪڙو مريض آه??. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 625 ٽيس?? ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 529، پنجاب ۾ 20 هزار 903، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 110، اسلام آباد ۾ 5 هزار 273، بلوچستان ۾ هڪ هزار 450، گلگت بلتستان ۾ 490، آزاد ڪشمير ۾ 870 ٽيسٽ شامل آه??. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 34 هزار 586 ٿي چڪو آه??. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آه??. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ل??ءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 490 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 58 هزار 611 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 13 هزار 784 آه?? جن مان آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 60، بلوچستان ۾ 24 هزار 908، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 545، اسلام آباد ۾ 80 هزار 927، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 31 هزار 411، پنجاب ۾ 3 لک 37 هزار 775 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 14 هزار 158 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 20 هزار 607 آه??.