اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته رياضي منطق جو بنياد آهي، استاد ۽ والدين سائنس ?? رياضي جي مضمونن ۾ ٻارن جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪن، پاڪستان ۾ سائنس ?? رياضي تي گهٽ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ضروري آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ?? رياضي جي شعبن ۾ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ?? رياضي بابت ??عل??مي منصوبي (سٽيم) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ??عل??م ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، خيبرپختونخوا جو صوبائي وزير شهرام ترڪئي، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جو چيئرمين ڊاڪٽر شاهد بيگ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر اختر نذير ۽ ٻيون شخصيتون به شريڪ ??يون. صدر چيو ته سٽيم ايجوڪيشن هڪ وقت سر قدم آهي جنهن سان سماج کي منظم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي، مختلف ملڪن جي ??عل??مي ميدان ۾ ترقي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته چين جي ترقي جو هڪ سبب سائنس جا وڌ کان وڌ گريجوئيٽ آهن، جتي گريجوئيٽس جو تعداد 8 ڪروڙ جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي گريجوئيٽس جو تعداد 47 لک آهي، هن چيو ته ترقي لاءِ ضروري آهي ته سٽيم ??عل??م تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ??عل??م جي شعبي خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ??عل??م تي ڀرپور ڌيان ڏيڻو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ?? رياضي جي شعبن ۾ ڌيان نه ڏنو ته اسان دنيا کان پوئتي رهجي و??نداسين.
هن اسٽيم پراجيڪٽ جاري ڪرڻ تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز کي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته وفاقي وزير شبلي فراز، ۽ وفاقي وزير شفقت محمود ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ??عل??م جي شعبي جي بهتري لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، اسان کي معياري ??عل??م سان گڏوگڏ استادن جي تربيت جو بندوبست به ڪرڻو پوندو، صدر چيو ته ??عل??م جي ميدان ۾ ترقي جي نتيجي ۾ ٻيون قومون اڳتي نڪري و??ون آهن، عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ??عل??م کانسواءِ ممڪن نه آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شاگرد کي سدائين هڪ استاد حوصلا افزائي ڪندو آهي، سٽيم منصوبي ۾ شامل مضمون منهنجي پسند جا آهن، جيتوڻيڪ آئون ڊاڪٽر بڻجي و??و آهيان پر آئون رياضي جو هڪ انتهائي لائق شاگرد هئس. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ان پروگرام تحت 50 سرڪاري هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي، ميٽرڪ ۽ ايف ايس سي جي شاگردن لاءِ سٽيم جي ميدان ۾ ٽريننگ جي سهولت فراهم ڪئي و??ندي، سٽيم ڪلاسز ۾ شاگردن جي چونڊ انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت جي بنياد تي ڪئي و??ندي، پروگرام تحت سٽيم ??عل??م ڏيڻ لاءِ شاگردن لاءِ ٽريننگ ماڊيولز تيار ڪيا ويندا،منصبوبي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت پوري پاڪستان ۾ عمل ڪيو ويندو. تقريب ۾ چونڊ ??عل??مي ادارن ۽ ڪيڊٽ ڪاليجز جا سربراهه به شريڪ ??يا.