ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مع??شري ۾ خصوصي ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مرڪزي ڌارا تعليمي ادارن ۽ هنرمندي جي پروگرامن جي ذريعي انهن جي تعليم ۽ تربيت جو اهتمام ڪيو وڃي، سرندي وارا ماڻهو مع??شري مان غرب?? جي خاتمي لاءِ اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ الشفا ٽرسٽ، اسپيشل اسڪول ۽ بحالي مرڪز جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽين کي هدايت ڪئي وئ?? آهي ته هو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مع??ور ماڻهن جي جسماني پهچ کي آسان بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پهرين ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته مختلف مع??ور ماڻهن کان ڪا به فيس وصول نه ڪئي ويندي، صدر خصوصي ماڻهن جي مناسبت سارسنڀال جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ سرندي وارن ماڻهن کي چيو ته هو مع??شري مان غرب?? جي خاتمي لاءِ اڳتي اچن. هن چيو ته اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ انسان دوستي ۽ مع??شرتي احيا تي زور ڏنو آهي، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت احساس پروگرام تحت خصوصي ماڻهن کي ماهوار 2000 روپيا فراهم ڪيا آهن، هن ڪووڊ 19 جي دوران احساس پروگرام جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان وبا جي بحران دوران موثر طريقي سان حالتن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ دنيا ان حوالي سان حڪومت پاران کنيل قدمن کي سارهيو آهي. پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيتو آفيسر ايئر مارشل ارشد ملڪ تقريب کي خطاب ڪندي صدر مملڪت ۽ بيگم ثمينه عارف علوي جو ٿورو ادا ڪيو ۽ مع??شري تي زور ڏنو ته هو فنڊ ريزنگ ۾ وڌي ??ڙهي حصو وٺن ته جئين خصوصي مقصد جي لا3 تعاون ڪري سگهجي. هن چيو ته الشفا پي آءِ اي جي فليگ شپ سي ايس آر جو حصو هو جيڪو 1967ع ۾ سول ايوي ايشن جي تعاون سان سوشل ويلفيئر ايجنسي جي طور تي شروع ٿيو ۽ 1981ع ۾ الشفا ٽرسٽ ۾ تبديل ٿي ويو، هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي پنهنجي ڪا??پو??يٽ ڪردار کانسواءِ ڪا??پو??يٽ سماجي ذميداريون به پوريون ڪري رهي آهي. تقريب جي پڄاڻي تي الشفا ٽرسٽ جي خصوصي ٻارن هڪ خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيو جنهن کي صدر عارف علوي ۽ بيگم ثمينه عارف علوي گهڻو ساراهيو. تقريب ۾ غير ملڪي سفارتڪارن، صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ مع??زين شرڪت ڪئي.