اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوج??ان نسل کي اسلامي تاريخ جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد ميڊيا جي ذر??عن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو ۽ روايتي موضوعن کان هٽي ڪري تاريخي ڪهاڻين تي ٻڌل ڊراما ۽ فلمون ٺاهڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلمسار شهزاد نواز، ترڪ پروڊيوسر ايمري ڪونڪ، سيد جنيد علي شاهه ۽ ڊاڪٽر ڪاشف سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين ايوبي تاريخ جو اهڙو ڪردار آهي جنهن جي اولهه ۾ به مثال ڏيندا آهن، هن بيت المقدس جي تاريخي فتح کانپوءِ عام معافي جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين ايوبي جي زندگي تي سيريز نوجوانن کي ان تاريخي ڪردار بابت آگاهي ڏيندي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گڏيل منصو??ي صلاح الدين سيريز تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. سيريز تي منصوبابندي مڪمل آهي جڏهن ته ان جي شوٽنگ جو آغاز ايندڙ سال اپريل ۾ ڪيو ويندو.