اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عدليه تي حملو ڪرڻ، ججن تي الزام هڻڻ، وڊيو ٺاهڻ (ن) ليگ جي تاريخ رهي آهي، ميڊيا ۾ ايڊيٽوريل چيڪ هجڻ تمام ضروري آهي، چيف ج??ٽس ج?? سوموٽو نوٽيس جي آجيان ڪريون ٿا، وزيراعظم عمران خان سان ات??ادي پارٽين جي ميمبرن جي ملاقات ۾ انهن جا خدشا ختم ڪيا ويا، سمورن ات??ادين وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستا?? تحريڪ انصاف تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي گهرايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف ج??ٽس راڻا شميم جي الزامن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترو کل جوڳو لطيفو آهي ته چيف ج??ٽس آف پاڪستان مون وٽ آيو، اسان چانهه پي رهيا هئاسين، اوچتو چيف ج??ٽس کي خيال آيو هن فون کنيو ته فلاڻي جج کي فون ڪريان. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان ڪنهن جج جو نالو کڻي اخبار ايتري وڏي هيڊ لائين لڳائي غيرذميواري جو مظاهرو ڪيو، اخبار اهو چيڪ ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ته جنهن جج جو نالو ورتو پيو وڃي اهو جج بئنچ ۾ شامل ئي نه آهي. هن چيو ته ميڊيا ۾ ايڊيٽوريل چيڪ هجڻ تمام ضروري آهي، اهڙي طرح ڪا خبر وڏي اخبار ۾ بنا ايڊيٽوريل نه ٿي لڳي سگهي. اط??اعات واري وفاقي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف ج??ٽس ج?? سو موٽو جي آجيان ڪندي چيو ته (ن) ليگ جي شاهد خاقان عباسي ۽ خواجه آصف سو موٽو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پوءِ عدالتن کي اسڪينڊل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي انهن ٻنهي ڄڻن کي به پنهنج?? سوموٽو نوٽيس ۾ آڻڻ گهرجي، جڏهن ججن نوٽيس وٺي ڇڏيو هو ته انهن جو ڪم نه بڻجي ته اهي ان تي پريس ڪانفرنس ڪن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سان پاڪستا?? تحريڪ انصاف جي ات??ادي پارٽين جي ميمبرن جي ملاقات ٿي آهي، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق)، بلوچستان عوامي پارٽي سميت سمورين ات??ادي پارٽين جي قيادت ملاقات ۾ موجود هئي. ات??ادين جا اعتراض تفصيل سان ٻڌا ۽ انهن کي ختم ڪيو ويو. سمورن ات??ادين وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستا?? تحريڪ انصاف جي قيادتت تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو فيصلو ٿيو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع ڏينهن ٻه وڳي طلب ڪيو ويندو، اليڪٽورل ريفارم جا بل اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا، سمورا ات??ادي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن.