اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 20 پرڏيهي وزيرن ۽ 10 ن??ئب پرڏيهي وزيرن جي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي، 437 وفد پاڪستان ۾ منعقد ان تاريخي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان اهم بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ سرخرو ڪيو ۽ ملڪ کي عزت ۽ ڪاميابي عطا فرمائي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان لاءِ ٽرسٽ فنڊ جي قيام ۾ ڪاميا?? ٿي وياسين ۽ افغانستان جي بئنڪنگ سسٽم جي بحالي بابت قرارداد آندي، اها ت??ام وڏي اڳڀرائي ??هي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ڪردار ??دا ڪيو، پرڏيهي وزير پرڏيهي آفيس سان تعاون ڪندڙ سمورن ادارن ۽ انهن جي لاڳاپيل شخصيتن جو ٿورو ??دا ڪيو ۽ چيو ته مسئلو طالبان جو نه آهي، مسئلو 38 ملين افغان عوام جو آهي، افغان عوام بک ۽ ڏڪار کي منهن ڏئي ??هي آهي، افغانستان کي دوائن، خوراڪ، جي فوري ضرورت آهي، پگهار ڏيڻ لاءِ پسئا هوندا ت?? اسڪولز به هلندا، ايترن ملڪن جي نمائندن جو پاڪستان اچن تمام وڏي اڳڀرائي ??هي، پرڏيهي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ ۽ پاڪستاني فوج جو ٿورو ??دا ڪريان ٿو، پرڏيهي وزير جي عملي محنت ڪري ڪانفرنس کي ڪامياب بڻايو، پاڪستان ۽ غير ملڪي ميڊيا جنهن ان غير معمولي ۽ تاريخي اجلاس کي رپورٽ ڪيو ان جو به ٿورائتو آهيان، دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ سدائين سرخرو رکي.