اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ ج??بلي تقريبن جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ۽ پنهنجي آزاد حيثيت تي فخر هجڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان تقريبن لاءِ تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي جوڙيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪ??تان جي ڊائمنڊ ج??بلي 2022ع جي تق??رب?? جي تياري جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، شهزاد نواز، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره ش??هد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان جي ڊائمنڊ ج??بلي تقريبون ملهائڻ جو مقصد متحد ??اڪ??تاني قوم جو پنهنجي آزادي تي فخر جو اظهار هوندو. تقريبن ۾ قائداعظم ۽ علامه اقبال جي نظرين کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته هن سال يوم آزادي تي دنيا ڏسندي ته ??اڪ??تاني قوم متحد ۽ مضبوط قوم آهي،
رنگارنگ ثقافت، قدرتي وسيلن ۽ هم آهنگي اسان جي اصل سڃاڻپ آهي، هن هدايت ڪئي ته تقريبن جي حوالي سان تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکي جوڙيو وڃي. هن چيو ته ڊائمنڊ ج??بلي تقريبن جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ۽ پنهنجي آزاد حيثيت تي فخر هجن گهرجي، خاص مددگار شهزاد نواز وزيراعظم کي تقريبن جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.