اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي سان اوبر ٽيڪنالاجيز ان ڪا??پو??يشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر دارا خسرو شاهي ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ملاقات ڪئي. انفارميشن ٽيڪنالاج?? واري مملڪتي وزير انوشه رحمان، وزيراعظم جو خصوصي معاون علي جهانگير صديقي ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم شيئرنگ اڪانومي ماڊل جي هر پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪرڻ تي اوبر کي ساراهيو ۽ ان ک?? پاڪستاني بئنڪن ۽ و??يراعظم يوٿ پروگرام سان حصيداري قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن ڊرائيورن ک?? اوبر جي لاءِ گاڏي جي فنانسنگ ۾ مدد ڏئي سگهجي.