اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪر??نا وائرس کان بچاءُ لاءِ وفاق، صوبا ۽ سمو??ا ادارا مڪمل طور تي تيار آهن، سمورين زميني رستن ۽ هوائي اڏن تي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي، سڀني کي گڏجي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هيستائين 7 لک 60 هزار کان وڌيڪ مسافرن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، ڪر??نا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدمن کي يق??ني بڻايو پيو وڃي. ڊاڪٽر ظفر مرزا جي صدارت ۾ ايمرجنسي ڪور گروپ جو اجلاس منعقد ٿيو جن??ن ۾ هيلٿ واري وفاقي سيڪريٽري سيد توقير حسين ش??هه، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اين آءِ ايڇ، پاڪ فوج جو نمائندو ۽ ٻيا شامل هئا، اجلاس ۾ موجوده صورتحال ۾ ملڪ ۾ ڪر??نا وائرس کان بچاءُ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو.