اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وف??قي ڪابينا ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان مشاورت کانپوءِ جمعي نماز جو خطبو ۽ جماعت سان نمازن ک?? مختصر رکڻ، ه?? ملائڻ کان پاسو ڪرڻ، 21 مارچ کان سواءِ تربت ۽ گوادر جي سمورن عالمي ايئرپورٽس تي عالمي اڏامن ج?? اچ وڃ ب??ال ڪرڻ، کنڊ بحران ج?? جاچ ۾ آءِ ايس آءِ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو نمائندو شامل ڪرڻ ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ اسٽريٽجي پيپر جي منظوري ڏني وئي آهي، بجيٽ خرچن ج?? ترجيحن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي کانسواءِ احساس ۽ سماجي تحفظ، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام، سرڪاري ملازمن ج?? پگهارن، هائوسنگ ۽ نئون پاڪستان تحت مختلف قدمن، فوڊ سيڪيورٽي، ه??لٿ، هايئر ايجوڪيشن، ٽوئرازم وغيره شامل آهن، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن ج?? زخمن تي مرهم رکنداسين، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي دنيا ۾ موجود سمورن پاڪستانين ک?? هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان ج?? صدارت ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مذهبي معاملن واري وف??قي وزير پير نورالحق قادري، ه??ابازي واري وف??قي وزير غلام سرور خان ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي سلامتي ۽ عوام جي ڀلائي جي حوالي سان ڪابينا اهم فيصلا ڪيا آهن.