اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته ڪورونا وبا جي خلاف موجوده حڪومت جي حڪمت عملي ڪامياب ??هي آهي، عي??ال??ضحيٰ جي موقعي تي ڪورونا وبا جي پکڙجڻ جو خدشو آهي، وزيراعظم عمران خان عي??ال??ضحيٰ گهر ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ??هي ۽ عوام کي به اپيل ڪئي آهي ته هو عي??ال??ضحيٰ تي گهرن ۾ رهن، وزيراعظم جي غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي احساس پروگرام جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت ڪورونا وبا ۽ موجوده معاشي صورتحال ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، شڪي لائسنس وارن 28 پائليٽس کي نوڪري مان ڪڍيو ويو ??هي، جعلي لائسنس وارا سمورا پائليٽس پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ڀرتي ڪيا ويا، جلعي پائليٽن جي معاملي تي پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.