??ظف??آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو. ان دوران هن وزيراعظم هائوس آزاد ڪشمير جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو خاص معاون معيد يوسف پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي وزيراعظم هائوس ۾ آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير مخدو?? شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ 5 آگسٽ تي استحصال جي ڏهاڙي جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مخدو?? شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ ۽ دٻاءُ باوجود 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کي ??مورا ڪشميري رد ڪري چڪا آهن. مظلوم ڪشميرين جي آواز کي ??نيا جي هر فورم تي اٿارينداسين. وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته معصوم ڪشميري دنيا جي چوٿين وڏي فوجي قوت جو ??مي مقابلو ڪري رهيا آهن، پاڪستاني قوم پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جي بي مثال مظاهري تي انهن کي ??لام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ڪشميرين جو سڄي دنيا ۾ واحد وڪيل آهي.