اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي ملڪيت ??وز ويلٽ هوٽل ڏانهن 105 ??لي?? ڊالر قرضن ۽ رهتن جي ادائگي جي منظوري ??ئي ڇڏي، نيويارڪ جي علائقي مين هٽن ۾ موجود هوٽل جي قرض جي شيڊيول موجب ادائگي ۽ ري فنانسنگ جو طريقيڪار طئي ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وزارت کي قانون واري وزارت، ايوي ايشن ڊويزن ۽ منصوبابندي ڪميشن سان مشاورت ڪرڻ ۽ ان جي منظوري جي لاءِ اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ سازگار مارڪيٽ جي صورتحال جي بنياد تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي آف شور پاڪستان رپيا لنڪڊ بانڊز جاري ڪرڻ ۽ ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم ۾ لاڳاپيل طريقيڪار تي پورو لهندڙ سمورن پاڪستاني شهرين کي شامل ڪرڻ جي ڏس ۾ پروگرام جي اهم شرطن تي نظرثاني جي منظوري پڻ ڏني ??ئي?? اجلاس ۾ 2013ع کان التوا هيٺ پيل 5 ڪروڙ رپين تائين جا انڪم ٽيڪس ري فنڊ جي ادائگي لاءِ 40 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان انٽرنيشنلايئرلائينز جي نيويارڪ جي علائقي مين هٽن ۾ ملڪيتي ??وز ويلٽ هوٽل پاران 105 ??لي?? ڊالر قرض جي حوالي سان سموري رهتن ۽ ذميوارين جي ادائيگي جي منظوري ??ئي ڇڏي. اي سي سي ??وز ويلٽ هوٽل جي مالياتي مسئلن جي حل لاءِ هوٽل پاران ??لي?? قرضن جي شيڊيول موجب ادائيگي يا ري فنانسنگ جي ڏس ۾ ناڻي واري وزارت کي قانون واري وزارت، ايوي ايشن ڊويزن ۽ منصوبابندي ڪميشن سانمشاورت سان طريقيڪار طئي ڪرڻ ۽ ان کي منظوري جي لاءِ اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ پروگرام (ايس اي پي) تحت ليپس ٿيل 8.01 ارب رپين جي فنڊن کي فني گرانٽس ذريعي لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي لاءِ ٻيهر مختص ڪرڻ جي ڏس ۾ ڪابينا ڊويزن جي تجويز جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ زندهه جانورن ۽ انهن جي گوشت جي مصنوعات جي عالمي واپار کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ ان حوالي سان واپار کي عالمي قاعدن ۽ طريقيڪار کي لاڳو ڪرڻ جي ڏس ۾ درآمدي پاليسي آرڊر 2016ع جو جائزو ورتو ۽ ان ۾ ترميمن جي منظوري ڏني.