اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڇنڇر ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 584 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 46 آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 هزار 724 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 42، پنج??ب ۾ 10 هزار 211، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 210، اسلام آب??د 2 هزار 622، بلوچستان 895، گلگت بلتسان ۾ 397 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 237 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعد??د 2 لک 88 هزار 536 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشم??ر، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 90 ڪورونا جا مريض آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو مجموعي تعداد 3 ل?? 955 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 389، بلوچستان 13 هزار 401، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 164، اسلام آباد ۾ 15 هزار 862، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 862، پنج??ب ۾ 97 هزار 602، سنڌ ۾ هڪ لک 31 هزار 675 مريض آهن.