اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن مذهبن کي مڃيندڙن جي دل آزاري روڪڻ جي لاءِ قانوني قدمن تي زور ڏي??دي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپس??دي جو ڪو مذهب ناهي هوندو، اظهار جي آز??دي جي آڙ ۾ ناموس رسالت ﷺ جي شان ۾ گستاخي سان ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿئي ٿي ۽ اسلامو فوبيا سان بين المذاهب نفرت کي هوا ملي ٿي، مسلمان دنيا کي متحد ٿي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائي??دي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن کي ڀليڪار چوي ٿو. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو مسئلو اڳ کان وڌيڪ شدت اختيار ڪر?? چڪو آهي، مون وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ ڪوشش ڪئي ته مسلمان ملڪن ۽ اولهه دنيا جي وچ ۾ جيڪو خال وڌي رهيو آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي.