اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان سياسي معاملن بابت خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ بجيٽ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ عامر ڊوگر وزيراعظم کي ڏکڻ پنجاب جي محرومين کي ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي دور?? جي دوران ترقياتي منصوبن خاص طور تي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽري?? جي قيام تي عوامي پذيرائي کان آگاهه ڪيو.