اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ڊيرا اسماعيل خان جو دورو ڪندو جتي هو آبادگار ڪارڊ ورهائيندو، وزيراعظم گومل زام ڊيم جي ڪمان?? ايريا ۽ پ?? اي آر س?? ايرڊ ريسرچ اسٽيشن جو به افتتاح ڪندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اڄ خيبرپختونخوا جي آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهائيندو، پهرين مرحلي ۾ صوبي جي پنج لک رجسٽرڊ آبادگارن مان 2 لک آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ مل?? جي سڀن?? اي ٽ?? ايم مشينن تي استعمال ڪيا ويندا، پهرين مرحلي ۾ آبادگارن جي ڊيٽا بيس کي بهتر بڻايو ويندو ۽ انهن کي س??سڊ?? (مشنيري ان پٽ وغيره) فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ٻي مرحلي ۾ آبادگارن کي بنا وياج جي/ وياج جي گهٽ شرح تي ق??ض فراهم ڪيا ويندا ۽ فصلن جي انشورنس ڪئي ويندي، ان کانسواءِ انهن کي قدرتي آفتن جي صورت ۾ مالي امداد به ف??اهم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ صوبي ۾ زراع?? جي فروغ لاءِ مالي سال 22 -2021ع دوران آبادگارن کي 1048.38 ملين روپين جي س??سڊ?? ڏني ويندي، ان کانسواءِ وزيراعظم گومل ايگري يونيورسٽي جي عمارت جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم گومل زام ڊيم جي ڪمان?? ايريا ۽ پ?? اي آر س?? ايرڊ ريسرچ اسٽيشن جو به افتتاح ڪندو.