اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ڪهڙي ڳالهه جي خوشي ملهائي رهيو آهي، ڪنٽونمنٽس جي ا??يڪ??ن ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۾ انهن جي پارٽي جو صفايو ٿي ويو آهي، انهن جي پارٽي سڪڙجي هڪ ريجن جي پارٽي بڻجي چڪي آهي، (ن) ليگ جو پراڻو شيوو آهي جتان ا??يڪ??ن کٽي وڃي اها شفاف، جتان شڪست ملي اتي ڌانڌلي جي واويلا شروع ڪن ٿا، سڄي ملڪ جي ڪنٽونمنٽس ۾ ٿيندڙ بل??يا??ي ا??يڪ??ن ۾ پي ٽي ??ءِ پهرين نمبر تي آهي، جيڪڏهن ٿوري به اخلاقي جرئت شهباز شريف ۾ هجي ها ته ان ڳالهه جو ضرور اعتراف ڪري ها ته پهرين نمبر تي پي ٽي ??ءِ آهي. شهباز شريف جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪنهن پارٽي جي مطالبي جي ڪا حيثيت نه آهي، صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ا??يڪ??ن ڪميشن جي ذميواري آهي، ماضي ۾ پراڻي نظام تحت ٿيندڙ ا??يڪ??ن تي ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ئي شفاف ا??يڪ??ن جي ضامن آهي، مخالف ڌر هر معاملي تي سياست ڪري پر نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ذاتي مفادن کي پٺتي وجهي حڪومت جو ساٿ ڏي. هن چيو ته 2018ع ۾ پي ٽي ??ءِ کي شڪست ڏيندڙ هاڻي 2023ع جي ا??يڪ??ن ۾ شڪست جا خواب ڏسي رهيا آهن، انشاءَ الله ناڪامي ۽ شڪست 2023ع ۾ به انهن جو مقدر بڻجندي. هن چيو ته وارا لڳائيندڙن ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، پهريون ڀيرو ??ءِ ايم ايف وٽ به اهي ئي ويا. هن چيو ته شهباز شريف صاحب، حڪومت تي تنقيد کان اڳ پنهنجي ضمانت تي لنڊن ڀڄائي وٺي ويندڙ ڀڳوڙي ڀاءُ کي واپس آڻيو.