اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ذاتي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نه ن??رن??ي، ادارن تي ڳالهائي ??اڪستان کي تمام وڏو نقصان پهچائڻ جي راند کيڏي پئي ??ڃي، دشمنن جي زبان استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پوري طرح ادارن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ ڪا به اهڙي ڳالهه برداشت نه ڪئي ??يندي جيڪا ملڪ ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي هن ملڪ جي لاءِ بيٺا آهن انهن کي نقصان پهچائي سگهي، ڪالهه انهن جو پهريون شو ئي ??لاپ ثابت ٿيو، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي هڪ مهيني جي تيارين جو انجام فلاپ شو جي شڪل ۾ نڪتو. ڪنوينشن سينٽر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالا??ي واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گوجرانوالا جيڪو نواز شريف جو سسرال ۽ مريم نواز جو ناناڻو آهي، ان مخالف ڌر جي جلسي جي حوالي سان جنهن سردمهري جو مظاهرو ڪيو آهي ان مان مخالف ڌر کي سمجهڻ گهرجي ته ذاتي ايجنڊا جي تحفظ جي لاءِ ڪير ٻاهر نه ن??رن??و.