لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ زرعي پيداوار جي صلاحيت ۾ اضاف?? ۽ ??يليوچين جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، پنجاب جو وڏو وزير سر??ار عثمان ??حم?? بوزدار، صوبائي وزيرن سيد حسين گرديزي، محمد سبطين خان، وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مدد??ار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪ?? ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه زرعي پيداوار ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب اضاف?? ۽ ??يليو چينز جي فروغ جي حوالي سان تجويزن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي آبادگارن جي مالي مدد جي لاءِ آباد??ار ڪارڊ جاري ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هداي?? ڪئي ته پنجاب حڪومت زرعي پيداوار جي صلاحيت ۽ معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر زرعي پروڊڪٽ جي ويليو چين جي لاءِ ڌار ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙي.