اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه حڪومت ضروري شين جي قيمتن کي ضا??طي ۾ رکڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي ??هي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي ڏس ۾ نجي شعبي ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادارڪ آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي سان ت??لق رکندڙ پاڪستان ت??ريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.