اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي (سي سي او پي) نجڪاري جي سمورو عمل جلد ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن مقرر نظام ۽ وقت ۾ ان حوالي سان سمورا هدف حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهن، ايس ايم اي بئنڪ لميٽيڊ ۽ پاڪ ??نشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي 20 سيڪڙو نجڪاري جي حوالي سان تيز اڳ??رائي جاري آهي ۽ نجڪاري جو عمل مقرر نظام ۽ وقت جي اندر مڪمل ٿي ويندو، 747 م??گاواٽ گڊو پاور پلانٽ جي نجڪاري لاءِ مالياتي صلاحڪارن جي طرفان دلچسپي جي اظهار جا خط ملي چ??ا آهن. ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.