اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه ن??تر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت هنگامي طور تي رقم جي ورهاست ??ور??ن ڪورونا کان بچاءُ لاءِ سخت حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ادائيگي مرڪزن تي ڪورونا ??ائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ادائيگين جي مرڪزن تي ان سلسلي ۾ سينيٽائيزر رکيا ويا آهن جڏهن ته ??عذ??ر ۽ بزرگ ماڻهن لاءِ به خصوصي قدم کنيا ويا آهن، ڪجهه مرڪزن تي اسپري وارا واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا آهن ۽ ??عذ??ر ماڻهن وٽ وڃي انهن جي بايوميٽرڪ ڪئي پئي وڃي.