اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ض??ورتمند گهراڻن کي روڪ رقم جي منتقلي جي پرو??را?? جي سلسلي ۾ ڀارت کي مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم انگريزي اخبار جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان رپورٽ موجب ڀارت ۾ 34 سيڪڙو گهراڻا مدد فراهم نه ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ هفتي کان وڌيڪ زنده رهڻ جي قابل نه هوندا، هن چيو ته اسان جي حڪومت 9 هفتن جي دوران ??ڪ ڪروڙ خاندانن کي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ 120 ارب روپين جي روڪ رقم شفاف طريقي سان ??راهم ڪئي آهي، اسان جي ان ??رو??را?? کي عالمي طور تي ساراهيو ويو آهي، وزيراعظم آڇ ڪئي ته هو ان طرح پرو??را?? جي لاءِ ڀارت کي مدد ۽ معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.