اسلام آ??اد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪ – سعودي لاڳاپا سدائين وانگر مضبوط ۽ مستحڪم آهن، اسان تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقا?? دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل اسلامي قدر رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جو تعلق هڪ دلين جو رشتو آهي. اطلاعات وا??ي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام خادمين الحرمين الشريفين جو بي حد احترام ڪري ٿي، هن چيو ته اسان شهزاده مح??د بن سلمان جي ويزن 2030ع کي ساراهيون ٿا، اهو موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي.