اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورو??ا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ فاصلاتي تعليمي نظ??م جي اهميت وڌي وئي آهي، تعليم جو سلسلو جا??ي رکڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، ان سلسلي ۾ اهڙن طريقن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪي رڳو اشرافيه جي لاءِ مخصوص نه هجن پر تعليم حاصل ڪرڻ آسان هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان برطانيا ايجوڪيشن گيٽ وي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.