اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪورونا ويڪسين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيرا??ظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن وزيرا??ظم کي ??ريفنگ ڏني ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻه ويڪسينز جي ايمرجنسي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ وڌيڪ ويڪسينز جي منظوري جي لاءِ قدمن کي فاسٽ ٽريڪ ڪيو پيو وڃي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته منظور ٿيل ٻن ويڪسينز کي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن ۽ هن سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ويڪسينز جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.