اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته سرڪاري مل??زمن جي پگهارن ۾ مناسب اضافو ڪي?? آهي، بجيٽ ۾ وڌيڪ وڌائينداسين، مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ پورو زور لڳائينداسين، قيمتون گهٽ ٿيندي نظر اينديون، سينيٽ اليڪ??ن ۾ ٻوليون لڳي ويون آهن، سينيٽ اليڪشن جي خريد ۽ وڪري جي معاملي تي وڊيو جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، پي ڊي ايم چوري بچايو موومينٽ آهي، اهي رليف چاهين ٿا پر رليف نه ملندو، تحريڪ لبيڪ سان معاهدي جي مطالبن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، سياستدانن اربين روپين جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪي?? آهي، جيڪڏهن حڪومتي پارٽي جي ميمبر سرڪاري زمين تي قبضو ڪي?? آهي ته شڪايت ڪريو، ايڪشن ورتو ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينيٽ جي اليڪ??ن ۾ گذريل 30 سالن کان ووٽ خريد ۽ وڪرو ٿيندا پيا اچن ۽ پئسو پارٽي قيادت تائين ويند?? آهي، ڪنهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، وڊيو جيڪڏهن اسان وٽ پهرين هجي ها ته جن ٻن ميمبرن کي اسان گذريل سينيٽ اليڪ??ن ۾ پارٽي مان ڪڍي?? هو انهن جي خلاف عدالت ۾ پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته سينيٽ جي اليڪ??ن ۾ ٻوليون لڳي ويون آهن، بلوچستان جي سينيٽ جي سيٽ جي قيمت 50 کان 70 ڪروڙ روپيا هلي وئي آهي، سينيٽ اليڪ??ن ۾ ايم پي اي پنهنجو ضمير وڪڻندا ۽ اهي سينيٽرز جيڪي پئسو ڏئي ضمير خريد ڪندا اهي ڪهڙي پاڪستان جي جمهوريت جي خدمت ڪندا،.