اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي م??ن اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي جيڪڏهن ڪو ثابت ڪري ته ميمبرن جو تعداد 178 کان گهٽ هو ته عهدو ڇڏي ڏيندس، پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي، صحافين کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ هر قسم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن سميت ٻيو?? شخصيتون به موجود هيون. ميڊيا سينٽر ۾ رپورٽرز ۽ ڪئميرا مينن جي لاءِ مختلف سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ صحافين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ اظ??ار راءِ جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين. وزيراعظم قومي اسيمبلي م??ن اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن چيو ته پوري ميڊيا موجود هئي هر ڪنهن ڏٺو فيصل واوڊا ۽ مون کي ڪڍي ڪل 178 ميمبر موجود هئا.