اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪومت جي ات??اد?? پارٽين ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي مڪمل حمايت جو عزم ظاهر ڪندي سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ات??اد?? پارٽين جي اڳواڻن مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، هائوسنگ وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وز??ر اسد عمر پڻ موجود هئا. مل??قات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ ات??اد?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حڪومتي ات??اد?? پارٽين جي اڳواڻن وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجائيندي ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ مڪمل حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.