اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) برطانيا جي وزي??اع??م بورس جانس ماحوليات جي عالمي ڏينهن 2021ع جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏيندي وزي??اع??م عمران خان جي قيادت تي ٽين بلين ٽري سونامي جهڙن منصوبن کي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته قدرتي ماحول جو تحفظ سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، هن چيو ته اڄ پوري دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا درپيش آهي، اها وبا دراصل ان ??لو?? جو رد عمل آهي جيڪو انسانن قدرتي ماحول سا?? روا رکيو آهي، هن چيوته آلودگي ۽ غير معياري طرز عمل ماحوليات کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، موسمياتي تبديليون ان جو نتيجو آهن ۽ اڄ پوري دنيا انهن تبديلين جي منفي اثرن جي زد ۾ آهي.