??سل??م آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ جو قدم ??سل??مي اصولن، قائداعظم جي پرامن پاڙيسريت جي تصور ۽ پاڪستان جي بين المذاهب هم آهنگي جي فر??غ جي پاليسي موجب آه??. و??يراعظم ميڊيا هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان تاريخي گورڌوارن جي دستاويزي ڪتاب ٽرائسٽ ود ٽريز جي ليکڪ ۽ اڳوڻي سول سرونٽ ڊي ايس جسپال سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته بابا گرو نانڪ جي 550هين جنم ڏڻ جي موقعي تي ڪرتارپور صاحب لنگهه کولڻ جو تاريخي قدم بابا گرو نانڪ جو نال?? کڻندڙن ۽ دنيا خاص طور تي ڀارت ۾ رهندڙ سک برادري جي پراڻي درخواست تي کنيو ويو.