اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر تنقيد سان گڏ تجويزون به ڏي، تنقيد براءِ تنقيد مسئلي جو حل نه آه??، سموريون سياسي پارٽيون حڪومت سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلن، ڪرونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ قومي هم آهنگي طرف وڃڻ جي ضرورت آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران ڳالها??ي رهي هئي. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جو خطاب حسين خواهشن تي ٻڌل روڊ ميپ هو جيڪو ميديا ذريعي قوم آڏو پيش ڪري حڪومت کي هدايت ڏني وئي ته اهي قدم فوري طور تي کنيا وڃن.