اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته صوبن جي حمايت سان نظرثاني ذريعي 18 ترميم بهتر ٿي سگهي ٿي، وسيلن جي حوالي سان اختلاف معمول جو حص?? آهن، عمران خان جي ڪرپشن جي خلاف جنگ جاري آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت اسڪينڊلز جي ج??چ عام ڪئي، ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ عيدالاضحيٰ تي اجتماعي قرباني جو اهتمام ٿيڻ گهرجي. هڪ نجي ٽي وي کي پنهنجي انٽرويو ۾ صدر چيو ته عيدالفطر ۽ تراويح جي حوالي سان عالم سڳورن ۽ ٻين سمورن حصيدارن جي مشاورت سان ايس او پيز طئي ڪيا، ان سلسلي ۾ مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن سان به رابطا ڪيا ويا ۽ اتفاق راءِ سان ايس او پيز جوڙيا ويا. بعد ۾ ٻي دنيا به اهي ايس او پيز اختيار ڪيا، ان حوالي س??ن پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪي?? آهي. صدر چيو ته ڪورونا کان بچاءُ سان گڏوگڏ ماڻهن جي معاشي ذريعن جو خيال رکڻ جي لاءِ به صحيح فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته گذريل ٻن هفتن کان ڪورونا جي ڪيسن ۾ اضافي جو رجحان رڪجي وي?? آهي، الله جو وڏو احسان اه?? آهي ته اسان وٽ ايترو وڏو بحر??ن پيدا نه ٿيو، جنهن جا خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا. صدر چيو ته عيدالاضحيٰ جي تيارين جي سلسلي ۾ ضروري احتياطي تد??يرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته ان صورتحال ۾ اجتماعي قربانين جو اهتمام ڪيو وڃي ۽ رش ک??ن پاسو ڪرڻ گهرجي، عيد جي نماز جي لاءِ سماجي فاصلي ۽ ٻين ضروري ايس او پيز جي سختي س??ن پيروي ڪئي وڃي. مون کي اميد آهي ته عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام جي موقعي تي خصوصي احتياطي تد??يرون اختيار ڪيون وڃن ته اسان ڪورونا کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي وينداسين.