اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات و??ري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته 330 ميگاواٽ جي ٿر بلا?? ٽو پاور پلانٽ ت?? ڪم تيزي سان جاري آهي. ه?? ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٿر انرجي لميٽيڊ ۽ حبڪو ڪوويڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ منصوبي ت?? ڪم ڪري رهيا آهن، ان منصوبي ۾ 50 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي آهي ۽ 805 مقامي ماڻهن کي سڌوسنئون روزگار مليو آهي. هن چيو ته ان منصوبي جي مالياتي معاملن کي هلندڙ سال 31 جنوري تي حتمي شڪل ڏني وئي هئي.