اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته يوم بحريه جي موقعي تي ??منڊ ۽ ساحلن ??ي پاسبان پاڪ بحريه کي سلام پيش ڪريون ٿا، نيوي 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ فضائيه سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بهاري ۽ پيشيوراڻي مهارت جي نئين تاريخ رقم ڪئي، يوم بحريه تي ??طلاعات ۽ نشريات واري وزير شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتي ۾ بحريه جو ڪردار اه?? اهميت رکندڙ آهي.