اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته ڊجيٽل نظام سان ضروري شين جي قيمتن جي نگراني ??رڻ ۽ ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملندي، ان نظام سان فيصلي سازي جي عمل ۾ شفافيت جو عنصر نمايان ٿيندو، حڪومت ڪورونا وبا جي دوران غريب ۽ مزدور طبقي کي ??ليف فراهم ??رڻ تي مسلسل ڌيان ڏنو، پوري دنيا اسان جي قدمن کي ??اراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان شماريات بيورو طرفان ناڻي واڌ جي شرح کي نظر ۾ رکندي فيصلا سازي جي نظام ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن تي بريفنگ جي سلسلي ۾ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاق?? وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاق?? وزير اسد عمر، صنعت وارو وفاق?? وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.