اسلام آ??اد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي مبارڪ??اد ڏني ۽ چيو ته هن اڳ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. اتحادين وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اها خوش آئنده ڳالهه آهي. اتحادي پارٽيون ڪنهن به حڪومت جي ت??ام وڏي طاقت هونديون آهن. هن چيو ته اسان گلا شڪوا بند ڪمري ۾ ڪنداسين پر جڏهن به جمهوريت جي ڳالهه ايندي ته توهان اتحادي پارٽين کي پاڻ سان گڏ ڏسندا، وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي مبارڪ??اد ڏيندي هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن طرف ڌيان ڏنو وڃي، چونڊ، عدالتي، پوليس ۽ ايف بي آر سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، وزيراعظم، مخالف ڌر اڳواڻ سميت سمورين سياسي پارٽي?? جي سربراه?? جي عزت ۽ توقير ڪئي وڃي ۽ پارليامينٽ کي قاعدن تحت هلايو وڃي ته جيئن هن اداري ت?? عوام جو اعتماد بحال ٿئي. هن چيو ته سينيٽ اليڪش?? جي اعلان کانپوءِ جيڪو ماحول پيدا ٿيو اسا?? چاهيو پئي ته اهي اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ مڪينزم ان حوالي سان اختيار ڪيو وڃي ها ته اسان کي عدالتن جو رخ نه ڪرڻو پوي ها نه ئي اها صورتحال درپيش ٿئي ها. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ شفافيت کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. ميثاق جمهوريت جي اها ئي گهرج هئي ته شفاف چونڊ?? جي حوالي سان بل پارليامينٽ مان منظور ٿئي ها.