دوشنبي-30 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان تاريخي ۽ ڀائپيءَ وارن لڳاپن ک?? خاص اهميت ڏئي ٿو. اهڙو اظهار ه?? دوشنبي ۾ منعقد نائين هارٽ آف ايشيا استنبول پراسيس اجلاس جي موقعي تي افغان هم منصب محمد حنيف آتمر سان مل??قات دوران ڪيو. مل??قات دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افغان امن عمل سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.