ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي سان پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل (پ?? سي ايف آر) جي وفد هتي سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران وفد ڊاڪٽر عارف عل??ي کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح پ?? سي ايف آر ڪراچي ۾ ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سفارتي معاملن ۾ حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته حڪومت سفارتڪاري ۽ پرڏيهي پاليسي جي شعبن ۾ تحقيقي ڪ??ن لاءِ پرڏيهي آفيس جي ذريعي ملڪ ۾ يونيورسٽين سان رابطا ڪيا آهن، صدر وفد کي خاطري ڪرائي ته پرڏيهي وزارت جي ذريعي پرڏيهي آفيس ۽ پ?? سي ايف آر جي وچ ۾ رابطن کي به مضبوط بڻايو ويندو. غير ملڪي سفارتڪارن سان بهتر لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ پ?? سي ايف آر جي ڪردار جو اعتراف ڪندي صدر چيو ته صارفين جي تعداد ۾ اضافي جي لاءِ آفيس کولي پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل جو دائرو وسيع ڪرڻ جو مشورو به ڏنو. سفارتخاني جي سطح تي غ??ر ملڪي سفيرن ۽ معزز شخصيتن سان ڳالهين سان بهتر رابطا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي