ملتان – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي سوا ارب مسلمانن کي نبي ﷺ جي شان ۾ اظهار جي آزادي جي نالي تي ٿيندڙ گستاخي سان تڪليف پهچي ٿي، سمورن مسلمان ملڪن کي گڏائي اولهه کي اهو باور ڪرائينداسين ۽ پ??ءِ به اهي باز نه ??يا ته انهن جو واپاري بائيڪاٽ ڪري سگهون ٿا، پوءِ ان جو اثر به ٿيند??، ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جي شروعات ٿي وئي آهي، ڏ??ڻ پنجاب صوبو ضرور ٺهندو ۽ ان جي لاءِ آئيني ترميم آڻينداسين، پنجاب جا ماڻهو عثمان بوزدار جي 5 سالا ڪارڪردگي کي ياد رکندا. هو ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۽ ملتان جي لاءِ 30 ار?? رپين جي خصوصي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.