اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته عالمي برادري کي اپيل آهي ته اها ماحولياتي ??حفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري، عالمي برادري ماحول ۽ ايڪو نظام جي تحفظ جي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪري، وڻن ۽ جنگلي جيوت جي تحفظ جي لاءِ 9 قومي پارڪ ٺاهي رهيا آهيون، بلين ٽري منصو??ي تحت هڪ ارب وڻ لڳا??ا ويا آهن جڏهن ته 2023ع تائين 10 ارب وڻ لڳائينداسين. هو ماحولياتي نظام جي ??حا??ي بابت گڏيل قومن جي ڏهاڪي جي موضوع تي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.