اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي آهي ته سمنڊ پار پ??ڪس??انين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ نوٽري پبلڪ جي نامزدگي جي حوالي سان پنهنجي ف??صل?? تي عملدرآمد يقيني بڻائي، ان قدم سان ٻاهرين ملڪ دستاويزن جي تصديق ۽ مختيار نامو جا??ي ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صدر ان حوالي سان 5 سالن کان وڌيڪ عرصي کان هڪ معاملو حل نه ٿيڻ ۽ لاڳاپيل کاتن پاران موثر قدم نه کڻڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پ??ڪس??اني شهري جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي صدر وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي ته 15 اپريل 2015ع تي ڪيل پنهنجي ف??صل?? تي بنا دير قانون موجب عملدرآمد يقيني بڻائي، محمد نصر الله خان نالي شهري وفاقي محتسب جي ف??صل?? تي عملدرامد نه ٿيڻ جي خلاف صدر کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي. وفاقي محتسب 15 اپريل 2015ع تي پنهنجي ف??صل?? ۾ گهرو وزارت کي آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ نوٽري پبلڪ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جيڪي سمنڊ پار پ??ڪس??انين جي دستاويزن جي تصديق ڪري سگهن. شڪايت ڪندڙ ان ف??صل?? تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ وفاقي محتسب کي اپيل ڪئي جنهن تي 18 جون 2015ع تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ وفاقي محتسب پرڏيهي وزارت کي ٻن مهينن ۾ مناسب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سمنڊ پار پ??ڪس??انين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ پ??ڪس??اني سفارتخانن کي ضروري هدايتون جا??ي ڪرڻ ۽ ان حوالي سان عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.