اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ اسٽيٽ لائيف ڪا??پوريشن کي صحت ڪا??ڊ پروگرام جي حوالي سان خصوصي يونٽس جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪو ان پروگرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکي ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي فوري طور تي حل ڪري، اطلاعات واري وزارت جي مدد سان پروگرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ کان وڌ عوام کي ان پروگرام ۽ ان جي افاديت کان آگاهي حاصل ٿئي ته جئين هو ان مان فائدو کڻي سگهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ صحت جي شعبي ۾ حڪومت جي تاريخي قدمن ”صحت سهولت ڪا??ڊ“ جي ذريعي عوام کي صحت جي معياري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسين راشد، خيبرپختونخوا جو صحت وارو وزير تيمور سليم جهگڙا، صحت بابت وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿ??ا. ??جلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي ۾ صحت ڪا??ڊ جي فراهمي، فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جا انگ اکر ۽ هن وقت تائين ان پروگرام تي ٿيندڙ خرچن ۽ ان جي نتيجي ۾ عوام کي پهچندڙ رليف تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ??ڌا??و ويو ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ صحت ڪا??ڊ پروگرام جي ذريعي مختلف سرڪاري ۽ ??را??يويٽ اسپتالن ۾ ٻه لک 10 هزار 2 سئو ايڊميشنز جي ذريعي لکين ماڻهو مستفيد ٿي چڪا آهن، جنهن تي هن وقت تائين 5.3 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اجلاس کي ??ڌا??و ويو ته صحت ڪا??ڊ جي ذريعي 26 مختلف بيمارين جي ڏس ۾ عوام کي معياري سهولت جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ان ۾ دل سميت اهڙا مرض به شامل آهن جنهن جو علاج وڏو مهانگو ۽ غريب خاندانن جي مالي وسيلن کان ٻاهر هوندو آهي، اجلاس کي ??ڌا??و ويو ته پنجاب صوبي ۾ هن وقت تائين 85 لک خاندانن کي صحت ڪا??ڊ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، وزيراعظم صحت سهولت ڪا??ڊ جي ذريعي عوام کي ميسر ايندڙ رليف تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته صحت جي معياري سهولتن جي فراهمي جو موجوده پروگرام ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ تاريخي پروگرام آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو موجوده حڪومت صحت جي حوالي سان ڪمزور طبقن جو احساس ڪندي اهڙو جامع پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن جي ڪري نه رڳو سرڪاري پر ??را??يويٽ اسپتالن مان به ڪمزور طبقي کي صحت جو معياري سهولتون ميسر اچي رهيون آهن، وزيراعظم چيو ته صحت سهولت ڪا??ڊ سان هيلٿ سيڪٽر ۾ هڪ نئون نظام جوڙيو پيو وڇي، موجوده پروگرام سان ??را??يويٽ سيڪٽر جي اسپتالن کي فروغ حاصل ٿيندو ۽ کين ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائن ۾ پنهنجون خدمتن جي فراهمي ۾ مدد ملندي، وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ اسٽيٽ لائيف کي هدايت ڪئي ته صحت ڪا??ڊ پروگرام جي حوالي سان خصوصي يونٽس جوڙيا وڃن جيڪي ان پروگرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکن ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اطلاعات واري وزارت جي مدد سان پروگرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ کان وڌ عوام کي ان پروگرام ۽ ان جي افاديت کان آگاهي حاصل ٿي ۽ هو ان مان فائدو کڻي سگهي.