اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به م??ڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي وڏي نعمت آهي، ميڊيا مثبت تنقيد جي ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ معاونت ڪري.”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ نجي ٽي وي چينل جي صحافي حبيب اڪرم سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آزاد ميڊيا کان ڊڄندڙ حڪمرانن کي ??ان??ن ٽوڙڻو هوندو آهي ان لاءِ اهي گهٻرائين ٿا ۽ يا پوءِ ڪرپٽ عملدار آزاد ميڊيا کان ڊڄن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن مون چوري ڪئي هجي ته پوءِ آزاد ميڊيا کان ڊڄندس. وزيراعظم عمران خان چيو ته م??ڊيا جو ڪم مثبت هجڻ گه??جي، غلط اطلاع کان پاسو ڪرڻ گه??جي ۽ مثبت تنقيد ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ گه??جي. هن چيو ته ڪنهن به م??ڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي تمام وڏي نعمت آهي.