اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ مستقبل جي سيڙپڪاري جي لاءِ مڪمل تعاون ۽ سهولتون ڏيڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪاروبار ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پرڪشش منزل بڻجي چڪو آهي جنهن جي پذيرائي عالمي سيڙپڪار ڪ??يونٽي ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? اسٽريٽجسٽ ايف آءِ ايم پا??ٽن??ز جي سربراهه، ميٿيو ووگي جي قيادت ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي.