اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوجوانن جي معاملن واري خاص مددگار عثمان ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو اتحاد ضمني چونڊن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم جون پارٽيون ا??تع??فائن جي معاملي تي هڪ صفحي تي نه آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پهرين پارٽي هوندي جيڪا ان اتحاد کان ڌار ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي ته سنڌ ۾ ضمني چونڊون ڪرا??ي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي اسيمبلي تان ا??تع??فائن جي باري ۾ سنجيده نه آهي. عثمان ڊار وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي کانسواءِ مسلم ليگ (ن) شهباز شريف گروپ به اسيمبلين تان ا??تع??فائون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.