اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ ادار?? جي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ سندن مذهبي ڏڻ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده عديله رباب ڪاظمي ان مو??عي تي خاص مهمان هئي، جنهن مختلف شعبن ۾ سندن خدمتن جو اعترا?? ڪيو ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ به ڪٽيو. ان مو??عي تي اداري جا سينئر آفيسر قمر الله چوڌري، شفيق قريشي، عبدالجبار ذڪريا، محمد عظيم ۽ ٻيا به موجود هئا، ادار?? جي ٻين جرنلسٽ ۽ نان جرنلسٽ ورڪرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪري مذهبي هم آهنگي جو عملي مظاهرو ڪيو. اي پي پ?? جي اهتمام هيٺ هر سال پنهنجي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ ان تقريب جو انعقاد ڪيو ويندو آهي، اي پي پ?? جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده عديله رباب ڪاظمي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏني ۽ مسيحي ورڪرن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو، مسيحي ملازمن پاران به ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر کي شال اوڍائي وئي.