اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان واپار جون ني??ن راهون کوليندو، پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ سمو??يو?? ڌ??يو?? گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان وحدت اسلامي افغانستان جي اڳواڻ استاد ڪريم خليلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان امن عمل تي اڳڀرائي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته افغان مسئلي جي ٺوس حل جي لاءِ بين الافغان ڳالهين واري عمل کي اڳتي وڌائڻ لازمي آهي. مس??سل ٽڪراءُ سان افغان عوام بري طرح مت??ثر ٿي. اسان افغانستان سان واپار ۽ معيشت سميت ٻطرفن لاڳاپن ۾ ب??تري چاهيون ٿا.